ٿڪل جذبن جو موت

ٿڪل جذبن جو موت

ٿڪل جذبن جو موت

ٿڪل جذبن جو موت ( ڪتاب ):هيءَ ڪتاب مشتاق احمد شوري جي ڪهاڻين تي مشتمل آهي ، جيڪو جنوري 1987ع ۾ ڇپيو . هن ڪتاب ۾ ليکڪ جون 11 ڪهاڻيون ( 1 ) ٿڪل جذبن جو موت ، ( 2 ) من جي مونجهه ۽ ٻوساٽ ، ( 3 ) ويچار ۽ ويچارن جي وچ ۾ لٽڪيل آءٌ ، ( 4 ) هڪ بور ڏينهن ، ( 5 ) ميرا ڳل ، ڳاڙها لڙڪ ، ( 6 ) جيون جا روئندڙ ٽهڪ ، ( 7 ) اوندهه جي وهڪ ، ( 8 ) ڪجهه گهڙين جو ائبنارمل ، ( 9 ) ٽٽل جيون ، ٽٽل آس ، پيڙا ، ( 10 ) جيون ، کوکلو سچ ۽ ( 11 ) مئل ماڻهن جي ڀومي شامل آهن . ڪتاب جو مهاڳ خود ليکڪ لکيو آهي ، جڏهن ته بيڪ ٽائيٽل تي نامياري ليکڪ مدد علي سنڌيءَ جا تاثر ڇپيل آهن . ڪرائون سائيز ۾ ڇپيل هن ڪتاب جي قيمت 6 روپيا آهي ، جنهن جو ٽائيٽل چار رنگو آهي ۽ اهو ڪتاب سهڻي ڌرتي پبلشنگ هائوس ، حيدرآباد طرفان شايع ڪيو ويو آهي .


لفظ ٿڪل جذبن جو موتھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو